شمس الدين سومرو

شمس الدين سومرو: مشهور الغوزي نواز ۽ نعت خوان شمس الدين سومري جو جنم 1925ع ڌاري رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. شمس الدين سومرو الغوزي وڄائڻ جو ماهر ۽ سريلو نعت خوان به رهيو آهي. هن فن جي سکيا استاد صابر سومري کان ورتي. هيءُ هارميونيم به سٺو وڄائي ڄاڻي. هي ڪاٺيءَ کان علاوه پنهنجي پلاسٽڪ مان ٺاهيل الغوزي مان به سُٺا سُر ڪڍي ٿو. کيس رتيديري ۾ ٻيڙين جو دڪان آهي، جنهن جي اندرين حصي کي هن سنگيتڪلا جي شوقينن لاءِ وقف ڪيو آهي.


لفظ شمس الدين سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو